ڍورو نارو

ڍورو نارو (شهر): ڍورو نارو، ضلعي ۽ تعلقي عمرڪوٽ جو هڪ اهم شهر آهي. هيءُ شهر ميرپورخاص- کوکراپار ريلوي لائين تي آباد آهي. هتي هڪ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن آهي. هن شهر جي آبادي 35 کان 40 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. ڍورو نارو ٽائون ڪميٽي ڇهن وارڊن ۽ يونٽن تي مشتمل آهي، جن ۾ دڙو، کڻهار، فضل چوپاڻ، ساڍر ۽ شهري وارڊ شامل آهن. هتي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر، پوسٽ آفيس، پريس ڪلب، 2 لائبرريون (لطيف لائبرريءَ جي نالي سان: هڪ ٽائون ڪميٽيءَ جي ۽ ٻي اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي)، ٽيليفون ايڪسچينج، وٽرنري اسپتال، برف جو ڪارخانو، واٽر سپلاءِ ۽ سيوريج جون اسڪيمون ۽ حبيب بئنڪ موجود آهن. ٽائون ڪميٽيءَ محدود وسيلن جي باوجود وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جن ۾ گرهوڙي بس اسٽئنڊ، شاپنگ سينٽر، روڊ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ هينڊ پمپ شامل آهن. ڍورو نارو شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو صنعت جي لحاظ کان ڪافي اڳڀرو هو، ۽ سنڌو درياهه جو وهڪرو هاڪڙو ڍورو پڻ هتان گذرندو هو، جيڪو عمرڪوٽ کان ٿيندو نبي سر وٽ ڇوڙ ڪندو هو. ان ڪري زراعت جي لحاظ کان آبادي تمام گهڻي ٿيندي هئي. ان ڪري هتي ڪپهه ٽاڻڻ جو ڪارخانو، 3 رائيس ملون، چمڙي جو ڪارخانو، لوڻ مِل لڳايون ويون، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ بي ڌيانيءَ جي ڪري ختم ٿي ويون آهن. هن شهر کي عروج اتان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڪري مليو ۽ خاص طور تي سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن هن شهر کي ترقي ڏياري. هي شهر پهرين تمام ننڍو هو، پر پوءِ آهستي آهستي آبادي وڌندي وئي. هن شهر جي ڀرسان هڪ ٻيو شهر غلام نبي شاهه نالي سان اڏيو ويو آهي. ڍوري ناري شهر جي هڪ اهم سڃاڻپ اها به آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سياسي ورڪ دوران ڍوري ناري ريلوي اسٽيشن تي مسلم ليگ جي اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح ۽ ڪانگريس اڳواڻ جواهر لعل نهروءَ، بمبئيءَ کان ڪراچيءَ ويندي ترسي، ماڻهن کي خطاب ڪيو هو. شهر جي ڀرسان ڍورو وهڻ ڪري، هن وقت به هي شهر ۽ آسپاس جا علائقا سرسبز ۽ شاداب آهن. شهر جي ڀرسان فرش موريءَ بئراج مان ست ڪئنال نڪرن ٿا، جيڪي مختلف علائقن کي آباد ڪن ٿا. هن شهر تي ڍورو نارو نالو ان ڪري پيو، جو هتي پراڻو ڍورو ۽ موجوده نارو فرش موري وٽ پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا، جنهنڪري ٻنهي کي ملائي هن شهر کي ڍورو نارو سڏيو ويو. هن شهر کي وڌائڻ توڙي شعوري حوالي سان اڳڀري ڪرڻ ۾ سماجي تنظيمن جو تمام وڏو هٿ آهي. سڀ کان پهرين سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو قيام 1978ع ۾ عمل ۾ آيو، جنهن جا بنيادي رڪن حاجي خير محمد مڱريو، قبول احمد سومرو، جيئند ساند، ڀمرو مل، ڊاڪٽر محمد سومار مڱريو، لکاڏنو مڱريو، مير حسن پلي، غازي سمون، فتح محمد مڱريو، علي نواز ڀٽي، جاويد پلي، عبدالرشيد راڄڙ، ڊاڪٽر گوري شنڪر، لجپت راءِ، ولي محمد نهڙي، ڀڳڙو مل ۽ بچل چوپاڻ، مير حسن آريسر ۽ جلال ڪوري هئا ۽ پهريون چيئرمئن قبول احمد سومرو ٿيو. هن تنظيم جي قيام بعد جلد ئي هاءِ اسڪول جي شاگردن لاءِ مارئي هاسٽل قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن شاگردن جي رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو، ان بعد هر سال تنظيم تعليمي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائيندي آهي، جن ۾ سنڌ جا اديب، دانشور ۽ شاعر شريڪ ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، علي بابا، ادل سومرو، اياز گل، تاج جويو، شمشير الحيدري ۽ ٻيا شامل آهن. هنن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شاگردن جا تقريري مقابلا ڪرايا ويندا هئا ۽ کين انعام طور ڪپڙا، ڪتاب، پينون ۽ ڊريسون ڏنيون وينديون هيون. 1981ع ۾ تنظيم هڪ ڊراموبد نصيب ٿريپيش ڪيو، جيڪو هتان جي ماحول ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هو ۽ تمام گهڻو مقبول ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءَ تنظيم هن شهر کي شعوري سگهه بخشيندي رهي ٿي. ان دور جا ڪيترا شاگرد اڄ جا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ اسڪالر آهن. ان بعد هڪ ٻي سماجي تنظيم ’رورل ايرياز ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن‘ وجود ۾ آئي. هن تنظيم ڍوري ناري شهر ۾ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيو، جنهن تحت شاگردن کي مفت ڪمپيوٽر ڊپلوما جا ڪورس ڪرايا ويندا هئا.
ڍورو نارو قومي تحريڪ جي حوالي سان به مرڪز رهيو آهي. لڳ ڀڳ سمورين تنظيمن جا يونٽ هتي قائم آهن. سنڌ جي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو به هن شهر سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي. هن وقت چار سماجي تنظيمون: ٿرديپ، الحبيب ويلفيئر ايسوسيئيشن، هاڪڙو لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن ۽ ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن هتي ڪم ڪري رهيون آهن.
ڍوري ناري شهر جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا وڏا ڳوٺ آباد آهن، جن ۾ ڍورو نارو دڙو، فضل چوپاڻ، کڻهار، کنڀرو، خان محمد مڱريو'>حاجي خان محمد مڱريو، حاجي ولي محمد منڱريو، ساڍر، ڊيٻو، خليفو گل بيگ راڄڙ، بلاول هاليپوٽو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڍوري ناري شهر کي ويجهو کنڀري لڳ ڪيلهانڪر نالي هڪ ڍنڍ آهي، جيڪا خوبصورت تفريحي ماڳ آهي. هتي جپسم جو وڏو ذخيرو به موجود آهي. شهر جي ويجهو ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ قديم قبرستان (ڊيٻي جو قبرستان) آهي.
هتان جي ٻولي نج سنڌي آهي. هتي ڪيتريون ذاتيون هڪ وڏي عرصي کان آباد آهن، جن ۾ مڱريا، راڄڙ، ڀنڀرا، آريسر، ڪوري هاليپوٽا، ملاح، مڱڻهار، شيدي، مهر، سما، تيلي، شيخ، سوٽهڙ، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، مهاجر ۽ پنجابي شامل آهن.
ڍورو نارو جيئن ته مرڪزي شهر آهي، جنهنڪري هتان چئني پاسي روڊ رستا نڪرن ٿا. ڍوري ناري کان ڇور ۽ کوکراپار تائين ۽ ڏکڻ طرف سانگهڙ- ميرپورخاص روڊ وڃن ٿا. هن شهر ڪيترين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن ۾ خان محمد مڱريو'>حاجي خان محمد مڱريو، فقير محمد جادم مڱريو، مير حسن آريسر، حاجي خير محمد مڱريو، ميئون عبدالخالق ولهاري، فقير محمد رمضان مڱريو، فقير مگهن مڱريو، قاضي محسن پلي، ماستر خان محمد آريسر، ٻاروچو راڄڙ، اسماعيل چوپاڻ، ڊاڪٽر حنيف آريسر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڍورو نارو شهر صنعتي ۽ تجارتي حوالي سان ڪاروبار جو سٺو مرڪز رهيو آهي.


لفظ ڍورو ناروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو